سعد رفيق کي ريلوي تان هٽائي ڪرپشن ۽ پاناما جو وزير بڻايو وڃي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (بيورو)  تحريڪ انصاف خواجا سعد رفيق کي ريلوي واري وفاقي وزير جي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پارٽي ترجمان جو چوڻ آهي ته ريلوي واري وفاقي وزير ريلوي تي ڌيان ڏيڻ بدران وزيراعظم جي ڪرپشن لڪائڻ ۾ مصروف آهي ان کي ريلوي تان هٽائي ڪرپشن ۽ پاناما جو وزير بڻايو وڃي، گوجرا ٽرين حادثي ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي تحريڪ انصاف جي ترجمان جو چوڻ هو ته حادثي کان پوءِ سعد رفيق جو منصب تي رهڻ جو ڪو جواز ناهي ان جي لاءِ کيس عهدي تان هٽايو وڃي، ٽرين جو سفر موت ونڊن جو وسيلو بڻجي چڪو آهي، ريلوي ٽريڪ جي چوڌاري آباديون غير محفوظ آهن جتان ٽرين گذرندي آهي اتي قبرستان آباد ٿي رهيا آهن، ريلوي کي محفوظ بڻائڻ بدران هي شخص وزيراعظم جي ڪرپشن لڪائڻ ۾ مصروف آهي، هڪ ٻئي پويان حادثن ۾ درجنين ماڻهن جي موت اونداهي غار ۾ ڪري چڪو آهي. ريلوي جي وزارت ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي چڪي آهي. سعد رفيق کي ريلوي تان هٽائي ڪرپشن ۽ پاناما جو وزير بڻايو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *