مسلمان روهنگيا جي مسلمانن جي مدد لاءِ اڳتي اچڻ: سرتاج عزيز

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته مسلم امت ڏکيائيءَ جي هن گھڙيءَ ۾ روهنگيا جي مسلمانن جي مدد جي لاءِ اڳتي اچي ۽ فعال ڪردار ادا ڪري، روهنگيا مسلمانن جي حالت عالمي برادريءَ جي ضمير کي جاڳائڻ جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. پاڪستان سدائين محڪوم مسلمانن جي حمايت ۽ انساني حان جي ڀڃڪڙين تي لاڳيتو آواز بلند ڪيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ڪوالالمپور ۾ روهنگيا مسلمانن جي حالت بابت اسلامي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس کي خطاب ڪندي سرتاج عزيز چيو ته اسان اميد ٿا ڪيون ته ميانمار جي چونڊيل جمهوري حڪومت ان مسئلي کي همدرداڻي طريقي سان حل ڪندي ۽ قتل عام روڪي تازي تشدد سبب متاثر علائقن تائين ميڊيا جي رسائي ۽ امداد ورهائڻ جي اجازت ڏيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *