عمران خان سرڪاري نيوز ايجنسيءَ تان غلط خبر هلائڻ تي مريم اورنگزيب جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي صدارت ۾ تحريڪ انصاف جو اجلاس ٿيو، اجلاس دوران عمران خان جو چوڻ هو ته اطلاعات واري وزير سرڪاري نيوز ايجنسيءَ جي غلط خبر هلرائڻ تي استعيفيٰ ڏئي، جيڪڏهن بي بي سيءَ جي خبر غلط آهي ته عدالت ڇو نه ٿا وڃن، حڪومت سرڪاري ادارن کي به پنهنجو ڪوڙ لڪائڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، بي بي سيءَ جو پنهنجي خبر تي قائم رهڻ حڪومت جي لاءِ شرمندگيءَ جو مقام آهي، اجلاس ۾ پاناما ڪيس جي اڄ ٿيندڙ ٻڌڻيءَ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن بي بي سيءَ جي خبر غلط آهي ته نواز شريف ان خلاف عدالت ڇو نه ٿو وڃي، سرڪاري نيوز ايجنسيءَ مان غلط خبر هلرائڻ تي ان جا ذميوار استعيفيٰ ڏين، حڪومت پهريان آءِ سي آءِ جي بابت به غلط بياني ڪئي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *