پي ٽي آءِ جي بي ٽيم الزام لڳائيندي ته جواب ڏينديس: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو)  سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي بي ٽيم الزام لڳائيندي ته جواب ڏينديس، جماعت اسلامي جا دليل پٽيشن جي ابتڙ آهن، ڪيس ڪنهن ٻئي بنياد تي داخل ڪيو ويو هو ۽ دليل ڪنهن ٻئي تي ڳالهه تي ڏنا پيا وڃن، الزامن جو جواب ڏيڻ ضروري هوندو آهي. پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪوڙ تي ٻڌل پريس ڪانفرنس نه ڪندي ته اسان به نه ڪنداسين، وزيراعظم نواز شريف ڪوڙ نه ڳالهايو آهي، جيتريون به درخواستون ڏنيون وڃن، جواب هڪڙو ئي ايندو، مريم نواز مهذب پيءُ جي مهذب ڌيءَ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *