ملڪي مفادن اڳيان هر ايندڙ رڪاوٽ دور ڪئي ويندي:اسحاق ڊار
January 20, 2017 at 11:04 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته ملڪي مفادن اڳيان هر ايندڙ رڪاوٽ دور ڪئي ويندي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي اڀرندڙ مارڪيٽ ۾ شامل ڪرڻ هڪ خواب هو، ايف پي سي سي آءِ جي تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار جو چون هو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ٿوري وقت ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي، گذريل ٽن سالن ۾ تيزيءَ سان ترقيءَ جو سفر طئي ڪيو آهي، گڏجي پاڪستان کي اڳتي وڌائڻ جي ايجنڊا هجڻ گھرجي، اڄ اهم ڏينهن آهي ساڍن ٽن سالن ۾ 6 سالن جو سفر طئي ڪيو آهي.