ڊيوس(م ڊ) وزير اعظم نواز شريف مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سان سويٽزرلينڊ ۾ ملاقات ڪئي. بل گيٽس ڊيوس ۾ وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ پوليس جي خاتمي تي ضابطو آڻڻ تي پاڪستان جي ڪاوشن جي تعريف ڪئي. بل گيٽس وزير اعظم کي چيو ته ايندڙ ڪجهه مهينن دوران پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو. ملاقات دوران وزير اعظم سان ڳالهائيندي بل گيٽس چيو ته پاڪستان گذريل ٽن سالن دوران ملڪ ۾ پوليو وائرس جي خاتمي جي حوالي سان ڏاڍيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. وزير اعظم نواز شريف جي قائداڻين صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته 2017ع پاڪستان مان پوليس جي خاتمي جو سال ثابت ٿيندو. ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف بل گيٽس کي پوليو جي خاتمي جي حوالي سان حڪومت بندوبنستن کان آگاهه ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ۽ چئني صوبن جون حڪومتن گڏجي پوليو جي خاتمي جي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته امن ۽ استحڪام کان سواءِ خطي ۾ معاشي ترقيءَ جو خواب پورو نه ٿي سگھندو، نون چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي اتحاد ضروري آهي. وزيراعظم سوئس صدر سميت عالمي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪيون. نون چئلينج سامهون آهن، نوان عالمي اتحاد جوڙيا وڃن. وزيراعظم نواز شريف عالمي برادريءَ کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي سيڙپڪارن کي خوشخبري ٻڌائي ته هو پاڪستان سيڙپ آڻين کين قانوني تحفظ ڏنو ويندو. تقريب کي خطاب کان پهريان وزيراعظم نواز شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم جي چيئرمين ڪلائوس شواب، چيني ارب پتي جيڪ مان ۽ سوئس ڪنفيڊريشن جي صدر ڊورس ليوٿارڊ سان ملاقات ڪئي ۽ کين پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي لاءِ سازگار ماحول کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم نواز سڙيف سريلنڪن هم منصب رانيل وڪرما سنگھي ۽ سوئڊش وزيراعظم اسٽيفن لوفوين سان به ملاقات ڪئي ۽ کين والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت آگاهه ڪيو