مخالف ڌر پارٽين قومي اسيمبليءَ ۾ وزيراعظم خلاف تحريڪ استحقاق جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) مخالف ڌر جي جماعتن قومي اسيمبليءَ ۾ وزيراعظم خلاف تحريڪ استحقاق جمع ڪرائي ڇڏي آهي، ذريعن موجب پاناما ليڪس کان پوءِ وزيراعظم نواز شريف خلاف مخالف ڌر جي جماعتن تحريڪ استحقاق جمع ڪرائي ڇڏي آهي، قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل تحريڪ استحقاق تي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، پي ٽي آءِ جي شاهه محمود قريشي، غلام احمد بلور ۽ شيرين ميزاريءَ ۽ ٻين جون صحيحون ٿيل آهن، تحريڪ استحقاق پاناما تي وڪيل طرفان ڏنل بيانن ۾ فرق تي جمع ڪرائي وئي آهي، تحريڪ استحقاق ۾ وزيراعظم جي ايوان ۾ ڪيل تقرير جو پڻ حوالو ڏنو ويو آهي، تحريڪ استحقاق ۾ چيو ويو آهي ته اهو ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته وزيراعظم ايوان ۾ سچ نه ڳالهايو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *