اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ڀارتي مداخلت ۽ ڪلڀوشن ياديو جي انڪشافن بابت ثبوت عالمي ادارن کي پيش ڪندي والاريل ڪشمير ۾ هزارين ماڻهن جي عدالتن کان مٿانهين قتل تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڀارت جي دهشتگرد تنظيم آر ايس ايس هزارين مسلمانن کي قتل ڪيو، پر مودي سرڪار تنظيم تي پابندي مڙهڻ بدران ان جي ساراهه ڪري عالمي امن کي نقصان پهچائڻ جي سازش ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اڻکٽ قربانيون ڏنيون آهن، خطي جو امن افغانستان سان سلهاڙيل آهي. هن چيو ته، پاڪستان افغانستان ۾ مستقل امن جي بحالي لاءِ ڪابل سرڪار سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر ڪجهه ڌريون نٿيون چاهين ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿين. والاريل ڪشمير صورتحال تي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته، والاريل ڪشمير ۾ هزارين ماڻهن جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو، ڀارتي سرڪار هٿين خالي شهرين تي ظلم ڪري رهي آهي. هن چيو ته، پاڪستان ڀارتي دهشتگردي کي منهن پيو ڏئي، آر ايس ايس دهشتگرد ناهي ته ڀارت ان جي ساراهه ڪري سگ