ڪوئيٽا سانحو پاڻمرادي نوٽيس تي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري، ڇا گھرو کاتو حڪومت کان ڌارآهي: رمارڪس

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ ڪوئيٽا سانحي پاڻمرادي نوٽيس ۾ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، ان موقعي تي عدالت پاران ريمارڪس ڏيندي چيو ويو ته حڪومت ٻڌائي ته ڪوئيٽا سانحي ڪميشن جي سفارشن تي عمل ڪندي يا نه، اسان حيران آهيون ته وفاق طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل، گھرو وزارت جو پنهنجو وڪيل پيش ٿيو، ڇا گھرو وزارت وفاق کان الڳ آهي، هاڻي ان ڪيس ۾ وڌيڪ ڪا التوا نه ڏني ويندي، ان موقعي تي آءِ جي محبوب حسن بلوچستان عدالتي ڪمري ۾ جذباتي ٿي ويو، جنهن دوران سندس چوڻ هو ته بلوچستان کي اسان گھڻو بهتر ڪيو آهي، ڪميشن ۾ اسان کي ٻڌو نه ويو ۽ 8 ڪلاڪ ڪٽهڙي ۾ بيهاري اسان کي چيو ويو ته توهان تي خدا جي لعنت هجي، جج مون کي چيو ته شرم کان ٻڏي مر، ڇا اهو ٺيڪ آهي؟ ڇا رڳو ججن جي عزت آهي، اسان ذليل ٿيڻ جي لاءِ رهجي ويا آهيون، خدا جو قسم کڻي ٿو چوان ته ڪميشن ۾ اسان کي گاريون ڏنيون ويون، ڇا پوليس وارا رڳو ذليل ٿيڻ جي لاءِ آهن، مون کان اهي سوال به پڇا ويا جن جو هِن ڪيس سان ڪو تعلق ناهي، ان موقعي تي جسٽس امير هاني مسلم آءِ جي بلوچستان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جذباتي نه ٿيو اسان اوهان سان ڪڏهن به اهڙو سُلوڪ ناهي ڪيو، جنهن جي جواب ۾ آءِ جي بلوچستان جو چوڻ هو ته اوهان اسان سان اهڙو سُلوڪ ناهي ڪيو پر ڪميشن اسان کي ذليل ڪيو ويو، ان موقعي تي حڪومتي وڪيل ۽ ڌرين پاران عدالتي ڪمري ۾ ڪوڙ ڪيو ويو ته آءِ جي بلوچستان الزام هڻي رهيو آهي، جنهن تي جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي اوهان جھڙن آفيسرن مان گھڻيون اميدون آهن، جڏهن به اهڙو ڪو واقعو ٿيندو آهي ته سوال به سخت هوندا آهن. سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 6 فيبرويءَ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *