اٽڪ (م ڊ)اٽڪ ويجهو کنڊه موڙ ۾ مسافر وين ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر سبب ۲ عورتن سوڌو ۷ ڄڻا فوت، جڏهن ته ۱۱ زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن موجب جنڊ جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ فرد مسافر وين ذريعي هري پور درٻار تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ واپس اچي رهيا هئا ته انهن جي اٽڪ ۾ کنڊه موڙ جي ويجهو گاڏي موڙ ڪٽيندي ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري مخالف پاسي کان ايندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ۲ عورتن سوڌو ۷ ڄڻا فوت ۽ ۱۱ زخمي ٿيا. پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيندڙن ۾ هڪ ئي خاندان جا ۳ ماڻهو به شامل آهن، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو آهي، جتي ۵ زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.