پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جا اگھه ساڳيا رهندا: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿيندي جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 77 پئسا واڌ ٿيندي، اهڙي واڌ کان پوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت
68 رپيا 4 پئسا ٿي ويندي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 77 رپيا 22 پيسا هوندي، خزاني واري وفاقي وزير اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي، پيٽرول جون قيمتون عالمي سطح تي مٿي وڃي رهيون آهن، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾اها واڌ 16 جنوريءَ کان 31 جنوريءَ تائين برقرار رهندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *