حڪومت ٻڌائي ته شهري ڇو پيا کڄن: سينيٽ چيئرمين

January 12, 2017 at 10:52 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ماڻهن کي کڄڻ تي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني گھرو کاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. رضا رباني جو چوڻ آهي ته حڪومت ٻڌائي ته شهري ڇو گم پيا  ٿين. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين ميان رضا رباني جي صدارت  هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ شهرين جي گم ٿيڻ سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. ان موقعي تي چيئرمين رضا رباني شهرين جي گم ٿيڻ جو معاملو وري اٿاري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته اخبارن ۾ خبر آئي آهي ته اسلام آباد مان وڌيڪ هڪ ماڻهو کي کنيو ويو آهي. 12 ڏينهن ۾ اسلام آباد مان 5 ماڻهن کي کنيو ويو آهي. حڪومت ٻڌائي ته اسلام آٻاد مان شهري ڇو گم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته گھرو وزير چيو هو ته ماڻهن کي کڻڻ حڪومتي پاليسي ناهي، گھرو معاملن وارو مملڪتي وزير سڀاڻي ايوان کي آگاهه ڪري. اجلاس دوران پي ٽي آءِ جي سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪي ۽ پرڏيهي قرضن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي وئي آهي. ملڪ جو قرض هن وقت 19 هزار 218 ارب رپيا آهي. جنهن تي جواب ڏيندي قانون واري وزير حامد چيو ته  2008 ع ۾ ملڪ تي 41 ارب ڊالر هو.  2016 ۾ 51 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته  آءِ ايم ايف کان 15_2014ع ۾ 2 ارب 60 ڪروڙ ڊالر قرض کنيو. گذريل مالي سال دوران 16-2015 دوران 62 ڪروڙ ڊالر قرض کنيو. هن چيو ته هن وقت ناڻي جا ذخيرا 24 ارب ڊالر آهن. اجلاس دوران ڳالهائيندي سينيٽر حافظ حمد الله چيو ته ٽوبه ٽيڪسنگ ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب 47 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا، دنيا جي ڪنهن به مذهب ۾ شراب جي اجازت ناهي

اي پيپر