کاريان(م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج جي وقار ۽ ساک کي برقرار رکنداسين. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سينٽرل ڪمانڊ هيڊڪوارٽر کاريان جو دورو ڪيو ان موقعي تي آرمي چيف کي آپريشنل تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل قمر جاويد باجوه ان موقعي تي آپريشن ضرب عضب ۾ دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ آفيسرن جي خدمتن کي ساراهيو. کاريان گريزن ۾ خطاب ڪندي جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ فوج هڪ عظيم ادارو آهي، فوج جو وقار، بهترين ڪردار رهيو آهي. پاڪ فوج جي وقار ۽ ساک کي برقرار رکنداسين