راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته فوج ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي صدارت ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ جنرل قمر جاويد باجوا فوجي عدالتن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته فوجي عدالتن جيڪي فيصلا ڪيا، انهن سان دهشتگردي جي واقعن ۾ واضح گهٽتائي ٿي ۽ عدالتن مقرر وقت ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ضرب عضب ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابيون اطمينان جوڳيون ۽ آپريشن جا هاڪاري نتيجا سامهون آيا آهن. آرمي چيف بابر 3 ميزائل جي ڪامياب تجربي تي اسٽريٽجڪ آرگنائيزيشن کي مبارڪ ڏني