بجلي چوري وارن علائقن ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪنداسين: خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو) حڪمران بجلي بحران جي خاتمي جو حل ڳولي ورتو آهي. بجلي چوري روڪڻ بدران خواجه آصف جو چوڻ آهي ته بجلي چوري وارن علائقن ۾ 2018ع کانپوءِ به لوڊشيڊنگ جاري رهندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير خواجه آصف جو چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ ڪيتري ٿيندي ان ڳالهه جو فيصلو اوڳاڙين جي حساب سان ٿيندو. بجلي چوري وارن علائقن ۾ 2018ع کانپوءِ به لوڊشيڊنگ جاري رهندي. هن وڌيڪ چيو ته جتي 70 سيڪڙو واهپيدار بل نٿا ڏين اتي 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي سگھي ٿي. بجلي چوري روڪڻ جو هڪڙو ئي حل لوڊشڊنگ آهي. هن چيو ته بجلي چوري جو بار بجلي جو بل ادا ڪندڙن کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. ڪوشش آهي ته نندي پور  کي اپريل ۾ گيس تي آپريشنل ڪري وٺون. نندي پور کي گيس تي منتقل ڪرڻ جو ڪم جاري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *