پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين وزير اعظم کي اختيارن جي استعمال کان روڪيو وڃي:سراج الحق

اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسان حقيقي احتساب چاهيون ٿا، پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين وزير اعظم کي اختيارن جي استعمال کان روڪيو وڃي. عدالت وٽ پاناما بابت ڪيترائي ثبوت موجود آهن ۽ سڀ کان وڏو ثبوت ته وزير اعظم جي تقرير آهي. حڪوتم وٽ سچ لڪائڻ جي لاءِ گهٽ وقت آهي، وزير اعظم جو احتساب ٿي ويو ته ملڪ جي عزت ۾ واڌ ٿيندي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جي ڪري ڪروڙين نوجوان بيروزگار آهن ۽ ان جي ڪري عوام کي صاف پاڻي به ميسر ناهي حالانڪ پاڪستان ۾ وسيلن جي ڪا گهٽتائي ناهي، پر ڪرپٽ اشرافيه قوم کي خراب طريقي سان لٽيو آهي. ڪرپٽ اشرافيه هڪ ٻئي جي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ هڪ ٻئي کي بچائيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اڄ موسم سٺو آهي ۽ سپريم ڪورٽ جا ريمارڪس سٺا هئا، سپريم ڪورٽ چيو ته جيڪڏهن احتساب ٿيو ته رڳو هڪ شخص سراج الحق بچندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *