آرمي چيف جنرل جاويد باجوه ۽ آمريڪي فوج جي سربراهه ۾ ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون
January 10, 2017 at 12:44 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آمريڪي فوج جي سربراهه جنرل جان نڪلسن ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي دوري تي آيل آمريڪي فوج جي سربراهه جنرل جان نڪلسن جي ايڇ ڪيو آرا ۾ سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف افغانستان ۾ آمريڪي فورسز جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته افغان فوج جي صلاحيت وڌائڻ ۾ آر ايس ايم جو اهم ڪردار آهي. آرمي چيف پاڪ افغان سرحد تي گڏيل سيڪيورٽي ميڪنزم وڌائڻ تي به زور ڏنو. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جنرل نڪلسن ميرنا شاهه جو دورو به ڪيو جتي ڏکڻ وزير ستان ۾ سماجي، ترقياتي سرگرمين تي کيس بريفنگ به ڏني وئي.