ثبوتن جو بار شريف خاندان تي آهي ڇو ته هو پاڻ لنڊن وارا فليٽ قبولي چڪا آهن: اعتزاز احسن

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناما ڪيس ڏاڍو سادو آهي، پاناما ڪيس ڏاڍو سادو آهي، شريف خاندان احتساب لاءِ تيار رهي، عوام ڪرپٽ حڪمرانن جو خاتمو چاهي ٿو،ثبوتن جو بار شريف خاندان تي آهي ڇو ته هو پاڻ لنڊن وارا فليٽ قبولي چڪا آهن. فليٽن جو اعتراف پرويز اشرف، گيلاني يا ان جي پٽن ڪيو هجي ها ته هن وقت ضمانتون ڪرائيندا وتن ها. سينيٽر اعتزاز احسن جي سربراهي ۾ سينيٽ جي مخالف ڌر پارٽين جو اجلاس ٿيو. اعتزاز احسن چيو ته سينيٽ اجلاس کان ٻه ڏينهن اڳ آرڊيننس جاري ڪرڻ بدنيتي آهي. هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ کي دٻاءُ ۾ حڪومت مهارت رکي ٿي. ماڊل ٽائون سانحي جي جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ اڄ تائين سامهون نه آندي وئي تنهن هوندي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جسٽس فائز عيسيٰ جي رپورٽ تي عمل ڪرائيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *