بهاولپور (م ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف 30 سال ايتري ڪرپشن ڪئي جو هو ڪرپشن جو ماهر بڻجي ويو. پاناما ڪيس ۾ انصاف مليو ته ملڪ جي قسمت مَٽجي ويندي. بهاولپور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته جنهن پئسي مان نواز شريف ملڪيت ٺاهي، اهو چوري جو هيو. حسنين نواز 99ع ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو ۽ ٻن سالن کانپوءِ ارب پتي بڻجي ويو. هن چيو ته جڏهن ڪرپشن ٿيندي آهي ته قوم غريب ٿي ويندي آهي، اڄ هر پاڪستاني تي هڪ لک 20 هزار قرض چڙهي چڪو آهي. عمران خان چيو ته ڏکڻ پنجاب جا ماڻهو پوئتي رهجي ويا آهن، انهن جو پئسو هڪ ننڍي ٽولي ڏانهن وڃي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاناما ڪيس ۾ انصاف مليو ته ملڪ جي قسمت مَٽجي ويندي، پوءِ ڪنهن کي طاقت نه هوندي ته اهو عوام جو پئسو ٻاهر کڻي وڃي