لاهور/ بهاولپور (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته جنهن عمر ۾ نواز شريف جا ٻار ارب پتي بڻجي ويا ان عمر ۾ ته اسان جي ٻارن جو سڃاڻپ ڪارڊ به ناهي ٺهندو. بهاولپور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته نواز شريف 19 کيڏڻ جو عادي آهي، جنهن عمر ۾ نواز شريف جا ٻار ارب پتي بڻجي ويا ان عمر ۾ اسان جي ٻارن جو سڃاڻپ ڪارڊ به ناهي ٺهندو. تنهن هوندي پاناما ڪيس نواز شريف کي انجام تائين پهچائيندو. سيف الرحمان ۽ قطري شهزاد ٻئي هڪ آهن ڇو ته قطري شهزادا هيلي ڪاپٽر ڪيس ۾ به آيا هئا. هن چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ هڪ ٻيو به ڌرڻو ڏينداسين جڏهن ته منهنجو وقت آيو ته اياز صادق جي وات بند ڪري ڇڏيندس. ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته قانوني فيصلا ڪهڙا به هجن، عوام جي تصديقي مهر کان سواءِ قبول ناهن ٿيندا، ملڪ جو پيسو لٽڻ وارن کي حساب ڏيڻو پوندو. بهاولپور ۾ جلسي سان خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اميد آهي ته سپريم ڪورٽ کان انصاف ملندو، پر پي ٽي آءِ پنهنجو مقدمو کڻي عوام جي عدالت ۾ به ايندي، قانوني فيصلو ڪجهه به هجي، عوام جي تصديقي مهر کان سواءِ فيصلو قبول ناهي ٿيندو، قانون ئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏئي ڇڏي، پر عوام ڀٽي کي آزاد ڪري ڇڏيو.