عمران خان کي ثبوت کان سواءِ الزام هڻڻ تي شرم اچڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو) سڌُ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڄ عمران خان تسليم ڪيو آهي ته هو رڳو الزام لڳائيندو رهيو آهي، ثبوت ان وٽ آهن ئي نه، هن کي پنهنجي بيان تي شرم اچڻ گهرجي. مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران خان صاحب اڄ عدالت ۾ اهو تسليم ڪيو ته ان ج ڪم رڳو الزام هڻڻ آهي ۽ ثبوت ان وٽ آهن ئي ڪو نه. عمران خان صاحب الزام هڻي ملڪ جي ترقي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ٽيون ڀيرو ملڪ جي وزير اعظم کي ڊي فيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، الزام لڳايو ويو ته مني لانڊرنگ ٿي پاڪستان جي عوام جو پيسو لٽيو ويو، ٽيڪس چوري ٿي، اڄ عدالت ۾ اهو تسليم ڪيو ته اهي سڀ الزام هئا ۽ ثبوت ڏيڻ ان جو ڪم ناهي، اڄ قوم پاڻ فيصلو ڪندي ته عمران خان پاڪستان جي ترقي جي نالي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *