دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جي سڄي دنيا واکاڻ ڪئي آهي: نواز شريف
January 4, 2017 at 1:33 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان خطي جي سمورن ملڪن سان برابري جي بنياد تي بهتر معاشي لاڳاپن جو خواهشمند آهي، اقتصادي راهداري خطي ۾ رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جو منصوبو آهي. وزير اعظم جي صدارت هيٺ خطي جي صورتحال ۽ پرڏيهي پاليسي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، گهرو وزير ۽ وفاقي وزيرن سميت اعليٰ عسڪري ۽ سول قيادت جي شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت ڪندي وزير اعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جي سڄي دنيا واکاڻ ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي جي سمورن ملڪن سان برابري جي بنياد تي مضبوط معاشي لاڳاپا چاهي ٿوپاڪستان ۾ دهشتگردي ڦهلائيندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، ملڪ جي هر انچ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿااسان پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪوشان آهيون، انشاالله عوام کي بهتر کان بهتر سهولتون ڏينداسين، بيروزگارن کي روزگار ڏيڻ اسان جو اولين فرض آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪراچي آپريشن ۽ آپريشن ضرب عضب سميت قومي ايڪشن پلان تي اڳڀرائي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، وفاقي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ سرتاج عزيز سميت ٻين شرڪت ڪئي.