صوابي کان پوءِ هنگو ۾ به وڏو جلسو ڪنداسين:عمران خان

January 2, 2017 at 10:33 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور(م ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته صوابي کان پوءِ هنگو ۾ به وڏو جلسو ڪنداسين. عمران خان قومي اسيمبلي جي وفد سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي شهريار آفريدي 7 جنوري تي هنگو ۾ جلسي جي تيارين بابت بريفنگ ڏني.  ان موقعي تي عمران خان چيو ته نئين بينچ جوڙڻ کان پوءِ وزير اعظم جي تلاشي وٺنداسين، ڪرپٽ حڪمران ۽ مافيا جلد ئي هڪ  ٿي منطقي انجام تائين پهچڻ وارا آهن. هن چيو ته پاناما ليڪس تي حڪمرانن جو پيڇو نه ڇڏينداسين، مستقبل تحريڪ انصاف جو ئي آهي.

اي پيپر