موقعو ناهي نه ته فهميده مرزا کان ايوان هلائڻ جي ترڪيب وٺان ها: اياز صادق

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته اڄ موقعو ناهي نه ته فهميده مرزا کان ايوان هلائڻ جي ترڪيب وٺان ها. جيڪو اسيمبلي ۾ چونڊجي ايندو ان کي ڀليڪار چوندس.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته في الحال پارٽي معاملن کان پري آهيان، جيڪي مونکي اسپيڪر نٿا مڃن اها آئين کي نٿا مڃن، پاڪستان ۾ جمهوريت وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ هر ادارو پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسپيڪر جي عهدي تي آئيني طور آهيان، ڪنهن هجي خواهش تي ناهيان، نيشنل ايڪشن پلان جا سٺا نتيجا مليا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *