ڏکڻ آفريڪي بارل فليڊر آسٽريلوي ٽيم جا بکيا اُڊيڙي ڇڏيا، سڄي ٽيم پنجاسي رنسن تي ڍير
November 13, 2016 at 3:49 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
هوبارٽ (اسپورٽس نيوز) هوبارٽ ۾ کيڏيل ٽيسٽ سيريز جي ٻي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، بيٽنگ جي دعوت تي پهريان بيٽنگ ڪندي آسٽريلوي ٽيم 32.5 اوورن ۾ پنجاسي رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڪينگروز طرفان سڀ کان وڌيڪ ڊوڙون ڪپتان اسٽيون سمٿ ڀريون، جيڪو 48 رنسن جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو، ٻين رانديگرن مان جو ميني کان سواءِ ڪو به ڊبل فگر ۾ ئي نه پهتو. آئوٽ ٿيندڙ رانديگرن ۾ ڊيوڊ وارنر ۽ جو برنس ترتيب وار هڪ – هڪ، عثمان خواجا 4، ايڊم ووجز ٻڙي، ڪيلم فرگيوسن ۽ پيٽر نيول ترتيب وار 3-3، جو ميني 10، مچل اسٽارڪ 4، جوش هيلز ووڊ 8 ۽ نيٿن ليون 2 رنسون ٺاهيون.3627