نيوزيلينڊ خلاف سيريز شاندار ٿيندي، سٺا مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا: مڪي آرٿر

نيلسن (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز شاندار ٿيندي، جنهن لاءِ اسان سخت تياري ڪئي آهي. پاڪستاني ٽيم نيوزيلينڊ خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ ويلنگٽن ۾ موجود آهي، جيڪا 17 نومبر کان ميزبان ٽيم خلاف ٽيسٽ سيريز جي شروعات ڪندي. ان حوالي سان هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ هو ته نيوزيلينڊ جي ٽيم مضبوط آهي، خاص ڪري ان جي هوم گرائونڊ تي ڪارڪردگي بهترين آهي پر اسان به مقابلي لاءِ سخت تياريون ڪيون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *