نيويارڪ (م ڊ) ڊونلڊ ٽرمپ جي صدر چونڊجڻ کان پوءِ آمريڪا ۾ لکين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. ٽرمپ ٽاور آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ڊونلڊ ٽرمپ جي گهر ٻاهران ڇڪتاڻ واري صورتحال، سيڪيورٽي اهلڪارن رڪاوٽون رکي سيڪيورٽي الرٽ ڪري ڇڏي. ڊونلڊ ٽرمپ مسلمانن جي خلاف ڏنل بيان واپس وٺي ڇڏيا، پاڪستان سان محبت جو اظهار. غير ملڪي خابرو اداري موجب ڊونلڊ ٽرمپ جي صدر طور ڪاميابي جي اعلان کان پوءِ مختلف رياستن ۾ لکين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، جن چونڊن کي رد ڪندي ٽرمپ خلاف شديد نعريبازي ڪئي. واشنگٽن، ٽيڪساس، ٽنيسي، نيشويلي، الي نوئي، ايريزونا، فلاڊلفيا، اوريگن، سياٽل، نيويارڪ ۽ ٻين رياستن ۾ ماڻهن شديد احتجاج ڪيو، ٽرمپ ٽاور آڏو به هزارين ماڻهو گڏ ٿيل هئا. مڇريل مظاهرين ڊونلڊ ٽرمپ کي افتتاحي تقريب ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، سيڪيورٽي فورسز چونڊيل صدر جي گهر آڏو رڪاوٽون رکي ڇڏيو ۽ سيڪيورٽي انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا. ٻئي طرف ڪيليفورنيا ۾ ڪاليجن ۽ اسڪول جي شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. لاس اينجلس ۾ سٽي هال جي سامهون به وڏي انگ ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. مظاهرين ڊونلڊ ٽرمپ جي پتلي کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس احتجاج ڪندڙن کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو، مظاهرين ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون پڻ ٿينديون رهيون. مظاهرين جو چوڻ هو ته ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪنهن به صورت ۾ صدر نه مڃينداسين. هوڏانهن صدر چونڊجڻ کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ جي رويي ۾ نرمي اچي وئي آهي ۽ هن مسلمانن خلاف ڏنل بيان واپس وٺي ڇڏيا آهن. جڏهن ته پاڪستان سان محبت جو پڻ اظهار ڪيو آهي. سندس جاري ڪيل وڊيو ۾ هن چيو ته آهي ته آئون پاڪستان سان پيار ڪيان ٿو.