الزام تحت هٽائڻ وارو تاثر غلط آهي، ڪتاب ”اوور وه جو مين ڪهه نه سڪا“ ۾ حقيقتون پڌريون ڪندس:عشرت العباد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ايوان صدر ۾ صدر ممنون حسين سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي. عهدي تان استعيفيٰ کان پوءِ ڊاڪٽر عشرت العباد دبئي وڃڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون آهن. هوڏانهن هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي عشرت العباد چيو ته مون 14 سالن جو عرصو ڪم ڪندي گذاريو آهي. پنهنجي ذميوارين مان مطمئن آهيان. الزام تحت هٽائڻ وارو تاثر غلط آهي. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪتاب لکندس. جنهن جو نالو ”اوور وه جو مين ڪهه نه سڪا“ رکندس. هن چيو ته گورنري دوران 2008ع کان پوءِ صرف 4 ڀيرا اسلام آباد ويو هئس. گهرڀاتين کي گهڻو وقت نه ڏنو. هاڻي انهن سان وقت گذارڻ چاهيان ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *