سلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته عياشي رڳو سرڪاري ادارن ۾ هلي رهي آهي جڏهن ته خانگي ادارن ۾ ته بيڪار ملازمن کي هڪ به منٽ برداشت ناهي ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي ٽي سي ايل ملازم جي ترقي بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف نظرثاني درخواست جي ٻڌني ڪئي. عدالت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي اپيل منظوري ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته هاءِ ڪورٽ پي ٽي سي ايل ملازم اعجاز احمد جي سڌي سنئين ترقي جو حڪم ڪيئن ڏئي ڇڏي. هاءِ ڪورٽ ڪنهن به ملازم کي سڌو ترقي جو حڪم نٿي ڏئي سگهي.