آمريڪا ۾ پاڪستان جهڙي هڪ پارٽي ڊونلڊ ٽرمپ کي کٽرايو:اياز صادق
November 11, 2016 at 8:18 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته آمريڪا ۾ پاڪستان جهڙي هڪ پارٽي آهي جنهن پارٽي ڊونلڊ ٽرمپ کي کٽرايو آهي. مون کي لڳي ٿو ته آمريڪا اهڙي پارٽي سان تعلق رکي ٿي جيڪا پاڪستان ۾ به آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجاآصف کي 10 ڀيرا مبارڪ ڏيان ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف 4 تڪن جو ڊرامو رچايو. سياسي پارٽين جي الزامن بدران ڪميٽي جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق جي تڪ جو فيصلو به جلد اچي ويندو. سپريم ڪورٽ ڪوڙن الزامن وارو معاملو دفن ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس عامر رضا آمريت خلاف جدوجهد ڪئي، ڪجهه ماڻهن کي هر ڳالهه تي نه چوڻ جي عادت هوندي آهي. جسٽس سعيد الزمان صديقي جي ڪردار تي ڪنهن به شڪ نه هئڻ گهرجي. مخالفن جا الزام هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ويا، خواجا صف جو فيصلو حق ۽ سچ جي ڪاميابي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي اهي ماڻهو آهن جن تي الزام لڳائڻ مناسب آهي، جنهن جي دل چوي اهو عدالت وڃي هو پاڻ فيصلو ڪندي.