مخالف ڌر جو پاناما ليڪس بل کي ملتوي ڪرڻ تي سخت احتجاج

November 10, 2016 at 7:51 am

مخالف ڌر جي پارٽين پاناما ليڪس بل کي ملتوي ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪندي پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڌرڻو هنيو ۽ سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير زاهد حامد ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ اعتزاز احسن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ بل جا پنا اڇلايا ويا، وزيراعظم ۽ حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس جاويد عباسي جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پاناما پيپرز انڪوائري بل 2016ع تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس جي دوران سينيٽر اعتزاز احسن ان بل جي ڪجهه تبديلين جي تجويز ڏني جنهن تي قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ان جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته ڪنهن به قسم جي ترميم آڻڻ جي لاءِ ٻن ڏينهن جو نوٽيس ضروري آهي جڏهن ته مخالف ڌر سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته اها ڪميٽي جي معمول جي ڪارروائي آهي ۽ بحث جي دوران تبديلي ڪري سگهجي ٿي. حڪومت ۽ مخالف ڌر ميمبرن ۾ اتفاق راءِ نه ٿيڻ کانپوءِ ڪميٽي

ووٽنگ جي ذريعي فيصلو ڪيو ته ان سلسلي ۾ سينيٽ چيئرمين کان راءِ ورتي وڃي، ڪميٽي چيئرمين جاويد عباسي چيو ته معاملي جي اهميت کي ڏسندي سينيٽ چيئرمين کان راءِ وٺڻ ضروري آهي، جنهن تي سينيٽر اعتزاز احسن سخت احتجاج ڪيو ۽ چيو ته حڪومت تاخيري حربا استعمال ڪري رهي آهي جنهن تي سندس قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد سان جهڙپ ٿي پئي ۽ بل جا پنا ٽيلبن تي اڇلائي ڇڏيا جنهن کانپوءِ مخالف ڌر اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪندي پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته حڪومت پاناما ليڪس جي جاچ جي حوالي سان ڪميٽي اجلاس ۾ جيڪو رويو اختيار ڪيو آهي اهو سمجهه کان ٻاهر آهي، مخالف ڌر نيڪ نيتي سان اجلاس ۾ موجود هئي ته جيئن ڪرپشن جي خاتمي لاءِ موثر قانونسازي ڪري سگهجي، پر حڪومت راه فرار اختيار ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته هو حڪمرانن جي احتساب کان ڊنل آهن.
اعتراز احسن، سينيٽر تاج حيدر، رحمان ملڪ، سعيد غني، ڪامل علي آغا، سينيٽر شاهي سيد ۽ مير اسرار الله خان زهري چيو ته پاناما ليڪس جي انڪشافن کانپوءِ مخالف ڌر جي پارٽين ان جي جاچ جو مطالبو ڪيو پر حڪومت جي ڪن تي جون ئي نٿي سري ۽ حالتون خراب ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ کي ان جو نوٽيس وٺڻو پيو، اڳواڻن چيو ته قانونسازي جو ڪم پارليامينٽ جو آهي پر حڪومت قانونسازي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي، مخالف ڌر جي بل جو مقصد قانون موجب بااختيار ڪميشن ٺاهڻ آهي پر حڪومتي ميمبرن غير ضروري اعتراض هڻي ڪيترائي ڪلاڪ احتجاج کي قيدي بڻائي رکيو، حڪومتي ميمبرن ۽ وفاقي وزير اجلاس دوران جيڪو اعتراض ڪيو آهي ان سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ڪميٽين ۾ پيش ۽ منظور ٿيندڙ بلن ۽ ڪميٽين جي ڪارڪردگي تي به سواليه نشان لڳائي ڇڏيا آهن، سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته ڪميٽي جي چيئرمين جهڙي طرح جانبداري جو مظاهرو ڪيو آهي اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا ۽ حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو ملڪ کي وڌيڪ بحران ۾ مبتلا نه ڪري، ان موقعي تي مخالف ڌر وزيراعظم نواز شريف ۽ حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

اي پيپر