وزيراعظم پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، رپورٽ طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم نواز شريف پي آءِ اي ۽ سو ايوي ايشين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جيڪا 15 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندي، وزيراعظم اسلام آباد ۾ نئين هوائي اڏي ۽ لاهور ۾ علامه اقبال ايئرپورٽ جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشين بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي ايئر لائين جي 6 مهينن جي ڪارڪردگي ۽ اسلام آباد ۾ نئين هوائي اڏي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران پي آءِ اي چيئرمين بريفنگ ڏيندي چيو ته 6 مهينن دوران پي آءِ اَي جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ مسافرن جي تعداد ۾ به 26 ڏهائي 7 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پي آءِ اي چيئرمين موجب پي آءِ اي جا هن وقت 37 جهاز آهن، جيڪي 2018ع دوران وڌي 50 ٿي ويندا، جڏهن ته 7 جهازن جي خريداريءَ لاءِ ايئر بس سان ڳالهيون جاري آهن. وزيراعظم پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشين جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جيڪا سمورن معاملن جو جائزو وٺي 15 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. وزيراعظم نواز شريف اسلام آباد ۾ نئين هوائي اڏي ۽ لاهور ۾ علامه اقبال ايئرپورٽ تي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *