ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا کي راولپنڊي مان مليل ڀتي جي پرچي ۾ عمران ۽ فخر عباس لاشاري نالي ٻن ماڻهن 50 ڪروڙ روپيا نه ڏيڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن، شهلا رضا ڀتي جي پرچي بابت پوليس ۽ رينجرز کي آگاهه ڪندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته پرچي ميڊيا آڏو پڻ پيش ڪئي وئي آهي. سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو آهي ته سندس آفيس جي ايڊريس تي راولپنڊي مان هڪ خط آيو آهي، جنهن ۾ عمران ۽ فخر عباس نالي شخصن کانئس 50 ڪروڙ رپيا ڀتي جي گهر ڪئي آهي.سندس چوڻ هوته کيس اڳ به اهڙيون ڌمڪيون ملنديون رهيون آهن، معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. اي آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي سنڌ اسيمبلي پهچي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا سان ملاقات ڪئي ۽ ڀتي جي پرچي بابت ڄاڻ ورتي. ثناءُ الله عباسي چيو ته ڊپٽي اسپيڪر کي ڀتي جي پرچي موڪليندڙ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
شهلا رضا کان 50 ڪروڙ ڀتو طلب، قتل جي ڌمڪي
Related Posts
لاڙڪاڻي ۾ تيز رفتار ويگو گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت
لاڙڪاڻي ۾ تيز رفتار ويگو گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ ڀاءُ...
ڪنڊياري ويجهو فرار ٿي ويل جوابدار کي پوليس راڄوڻي ذريعي ٻيهر هٿ ڪري ورتو
ڪنڊياري ويجهو فرار ٿي ويل جوابدار کي پوليس راڄوڻي ذريعي...
سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار تمام گھڻو آهي،بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي جلد مرحليوار سولر پليٽون ورهائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو : ناصر حسين شاهه
صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پنوعاقل...