ڊان ليڪس بابت جوڙيل حڪومتي ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

لاهور (م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ قومي سلامتي بابت خبر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، پي اي ٽِي اڳواڻ اشتياق چوڌري طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪميشن جو چيئرمين جسٽس (ر) عامر رضا شريف ڪٽنب کي ويجهو آهي، انصاف جي اميد نٿي ڪري سگهجي. پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اشتياق چوڌري قومي سلامتي بابت جوڙيل ڪميشن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪميٽي جو چيئرمين جسٽس (ر) عامر رضا شريف ڪٽنب جي ويجهو آهي، جنهن ڪري انصاف جي اميد نٿي ڪري سگهجي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عامر رضا نگران حڪومت ۾ عهدي تي رهي چڪو آهي، سندس سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن جي قيام واري حڪومتي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *