چوڌري نثار کي ڄاڻ هئي ته قومي سلامتي بابت خبر ڪٿان ليڪ ٿي؟:عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف سڪيورٽي ليڪس بابت جوڙيل ڪميشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏيو، عمران خان جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته حڪومت خاص ماڻهن کي بچائي رهي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته خبر ليڪس بابت جـُڙندڙ ڪميشن جو چيئرمين سپريم ڪورٽ جو سينيئر جج بڻايو وڃي. هن چيو ته خبر ليڪس واري معاملي جي جاچ لاءِ وقت مقرر ڪيو وڃي، جڏهن ته چوڌري نثار کي خبر هئي ته خبر ڪٿان ليڪ ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته خبر ان وقت ليڪ ٿي جڏهن لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ هئي، جنهن مان لڳي ٿو ته سول ۽ ملٽري لاڳاپا خراب ڪرڻ جي سازش هئي. عمران خان خبر ليڪ ٿيڻ کي قومي سلامتي تي حملو قرار ڏيندي چيو ته عامر رضا جا شريف ڪٽنب سان ويجها لاڳاپا آهن، جنهن جي جاچ چيئرمين طور مقرري تي آڱريون کڄي رهيون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *