ايران بابت ڪو به بيان ناهي ڏنو، سوشل ميڊيا تي منهنجي خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي:مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو پنهنجي هڪ بيان ۾ وضاحت ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي منهنجي حوالي سان ناڪاري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. هتي منهنجي پاران ڏنل بيان پرنٽ ميڊيا ۾ 7 نومبر جي اشاعت ۾ سڀني جي سامهون آهي ۽ اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهل تشيع ماڻهن ۽ برادر اسلامي ملڪ ايران جي حوالي سان ڪوبه بيان نه ڏنو ويو ۽ اهڙي طرح جا بيان مون سان منسوب ڪرڻ منهنجي خلاف ناڪاره پروپيگنڊا جو حصو آهي، شرپسند عناصر پنهنجي ناپاڪ مقصدن لاءِ جعلي پوسٽ ٺاهي سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. مولابخش چانڊيو چيو ته پيپلزپارٽي ڪنهن به مذهبي تفريق تي يقين نٿي رکي، اسان برادر اسلامي ملڪ لاءِ محبت ۽ عقيدت جا جذبا رکون ٿا ۽ سنڌ ڌرتي تي رهندڙ هر شخص مذهبي منافرت کان نفرت ڪري ٿو پر سوشل ميڊيا تي ڪجهه عناصر پنهنجي مخصوص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جعلي پوسٽ رکندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *