پ پ پاناما ليڪس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جڊيشل ڪميشن جي مخالفت ڪري ڇڏي، حڪومت جاچ کان ڀڄي پئي: اعتزاز احسن
November 8, 2016 at 5:45 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي پاناما ليڪس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي انڪوائري ڪميشن جي مخالفت ڪري ڇڏي، بيرسٽر اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته ڪميشن نه ٺاهڻ اپوزيشن جماعتن جي گڏيل راءِ آهي. هڪ بيان ۾ اعتزاز احسن چيو ته سپريم ڪورٽ کي پاناما معاملي تي ڪميشن نه ٺهڻ گهـُرجي،حڪومت ايشو جي انڪوائريءَ کان ڀڄي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جماعتن جو پاناما بل تي ساٿ نه ٿيڻ وارو تاثر غلط آهي، پاناما بل تي اپوزيشن جي سمورين جماعتن جون صحيحون ٿيل آهن، سپريم ڪورٽ اپوزيشن جي بل جي روشني ۾ فيصلو ڪري.