اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ ڊان ليڪس جي جاچ لاءِ وفاقي گهر وزير چوڌري نثار جي تجويز ڪيل ڪاميٽي کي رد ڪندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جاچ جو مطالبو ڪيو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته گهرو وزير چوڌري نثار پاران جاچ لاءِ رٽائرڊ ججن جي تجويز ڪيل ڪاميٽي کي ڪنهن به صورت ۾ نه مڃينداسين، جاچ لاءِ چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل ڪاميٽي ٺاهي وڃي، جنهن جو سربراهه چيف جسٽس هجڻ گهرجي. وزيراعظم رٽائرڊ جج مقرر نٿو ڪري سگهي، نه ئي کيس انڪوائري ڪاميٽي ٺاهڻ جو اختيار هجڻ گهرجي، وزيراعظم کان به سوال ڪرڻا آهن. هوڏانهن عوامي تحريڪ به ڊان ليڪس جاچ لاءِ ڪاميٽي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو آهي ته حڪومت پاڻ کي آجو ڪرائڻ جي لاءِ رٽائرڊ ججن جي ڪاميٽي ٺاهي رهي آهي، جيڪا اسان کي قبول ناهي. وزيراعظم نواز شريف جي مرضي کان سواءِ ايتري وڏي واردات نٿي ٿي سگهي،رٽائرڊ ججن کان جاچ ڪرائڻ مزاق آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن، ٻي ڪنهن به جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين. ٻئي طرف خانگي ٽي وي موجب وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ڊان ليڪس معاملي جي جاچ لاءِ رٽائرڊ ججن تي ٻڌل ڪاميٽي ٺاهڻ جي تجويز وزيراعظم نواز شريف کي ڏني هئي، ان جي منظوري کان پوءِ جاچ شروع ڪئي ويندي.