فيصل رضا عابدي غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي (رپورٽر) ملير جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پ پ اڳواڻ فيصل رضا عابدي کي غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس عدالت کي رپورٽ ڏني ته فيصل رضا عابدي جي گهر مان 5 مختلف قسمن جا هٿيار مليا آهن. جيڪي غير قانوني آهن. ان کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، ان ڪري رمانڊ ڏنو وڃي. عدالت پوليس جي درخواست تي فيصل رضا عابدي کي 19 نومبر تائين جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *