گڏيل قومن کي ڪشمير معاملي بابت حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ خصوصي مشن موڪلڻ گهرجي:مليحا لوڌي

November 7, 2016 at 7:34 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندي مليحا لوڌي گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڪشمير ۾ حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ خصوصي مشن موڪلي. هن چيو ته ڀارت پاران اهڙي قسم جي خصوصي مشن کي اتي وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ سان حقيقت ۾ ڀارت والاريل فوج پاران ڪيل ظلمن کي تسليم ڪري رهيو آهي. نيويارڪ مان ملندڙ پيغام موجب گڏيل قومن جي انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر زيد راعدالحسين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي هن چيو ته انساني حقن جي ڪميشن کي سڄي دنيا ۾ بنيادي حقن ۽ انساني حقن جي فراهمي لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته پاڪستان اڳ ۾ ئي گڏيل قومن جي انساني حقن جي خصوصي وفد کي ڪشمير وڃي حقيقتون ڄاڻڻ تي رضامند آهي. مليحا لوڌي چيو ته ڪشميري عوام جي هاڻوڪي صورتحال ڄاڻڻ لاءِ خصوصي مشن جو والاريل ڪشمير ۾ موڪلڻ ئي واحد ذريعو آهي ۽ ڀارت پاران ان حوالي سان انڪار سبب هاءِ ڪمشنر صورتحال جو پاڻمرادو جائزو وٺي.

اي پيپر