ملڪ کي نااهل وزيراعظم هلائي رهيو آهي، هاڻي نه بچي سگهندو، مطالبا نه مڃيا ته عدالتي ڪميشن نه هلندي:بلاول

گهوٽڪي/ڏهرڪي/ ميرپورماٿيلو/ وٻاوڙو/رهڙڪي (نمائندن وٽان) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو چيو آهي ته پاناما بل منظور نه ٿيو ته عدالتي ڪميشن نه هلي سگهندي جيڪڏهن عدالتي ڪميشن نه هلي ته پوءِ حڪومت جو هلڻ به مشڪل ٿي ويندو. جمهوريت کي بچائڻو آهي ته شينهن جي قرباني ضروري آهي وزيراعظم کي پاناما سميت سمورن الزامن جا جواب ڏيڻا پوندا اهڙن خيالن جو اظهار هُن رهڙڪي مندر ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هُن چيو ته اسان ۾ مسلم ۽ غير مسلم هڪ آهيون، اسان قائداعظم محمد علي جناح جي پيروڪار، موئن جو دڙو جا وارث ۽ باب السلام ۾ رهڻ وارا آهيون. سڄي دنيا کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ تفريق جي سڀ پاڪستاني آهيون. هي ڀٽو جو پاڪستان آهي ۽ بينظير پاڪستان آهي. شهيد ڀڳت رام جي پهرين نومبر واري ورسي ۾ شرڪت لاءِ اچڻو هو، هي ڀڳت رام انسانيت جو پيغام ڦهلائيندڙ ۽ صوفي منش انسان هو جنهن کي دهشتگردن قتل ڪيو مان انسانيت دوست، امن ۽ محبت جو درس ڏيندڙ شهيد ڀڳت کي سلام پيش ڪريان ٿو. هُن چيو ته اسان پاڪستان خاطر جدوجهد ڪري رهيا آهيون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جدوجهد تاريخي آهي، اسان هارين، غريب عورتن، بيروزگارن، اقليتن ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ جدوجهد ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ لاءِ علم بلند ڪيو آهي. ڪوئٽه ڊهشتگرديءَ جي گهيري ۾، وڪيلن ۽ پوليس وارن کي بي گناهه شهيد ڪيو وڃي، دهشتگرد اسان جي ٻچن کي ماري رهيا آهن پر حڪومت رڳو فوٽو سيشن ۾ پوري آهي ۽ چند ڏينهن کان پوءِ وڏي سانحي کي وساري ٿي ڇڏي اها خبر نه ٿي پوي ته دهشتگرد، سهولتڪار ۽ انهن کي فنڊنگ ڪرڻ وارن جو ڪو پتو نه ٿو پوي، حڪومت ۾ اهليت ۽ نيت ڪونهي هُو گڊ ۽ بيڊ واري پاليسي کان ٻاهر نه ٿا نڪرن. اسان جمهوري احتساب چاهيون ٿا، چوڌري نثار جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هُن وزيراعظم ميان نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي وقت قومي يڪجهتي لاءِ ڪم ڪرڻ جو آهي. توهان جي غلط پاليسين جي ڪري قوم منشر ٿي رهي آهي. هُن چيو ته هي ملڪ آهي ڪاروبار ناهي عوام وڪرو ۽ خريد ڪرڻ وارو مال ناهي توهان وزيراعظم آهيو بادشاهه ناهيو. جمهوريت تختِ رائيونڊ جي بادشاهت ناهي، غريب ويتر غريب ٿئي ٿو ۽ اوهان دولت جا انبار ڪٺا ڪري رهيا آهيو مان الزام نه ٿو هڻان دنيا جو وڏو اسڪينڊل پاناما پيپرز جو الزام آهي. اوهان تي شڪ ٿي رهيو آهي انڪري اوهان جو احتساب ضروري آهي. هُن چيو ته دانش اسڪول، سستي روٽي، ييلو ڪيپ، نندي پور پراجيڪٽ ۽ بين ڪيترن ئي پراجيڪٽن ۾ ٿيل گهوبين جو جواب نه ڏنو اوهان جو جمهوري احتساب ٿيڻ گهرجي. اعتزاز احسن جي پيپرز کي پاس ڪرڻو پوندو نه ته عدالتي ڪميشن نه هلندي مان خبردر ٿو ڪريان ته اوهان جي حڪومت نه هلندي. هُن چيو ته مان معاشي ناهم واري ڳالهه ڪندو آهيان، مان جمهوري انصاف جي ڳالهه ڪندي ڀٽي جي نظريي کي ورجائيندس جنهن هر علائقي کي ترقي ڏني. سي – پيڪ معاهدو غيرمتنازعه نه ٿيڻ کپي گوادر وارو منصوبو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم کي تحفي طور ڏنو جيڪڏهن گوادر جي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي نه ملي ته پوءِ حڪومت ڇاجي؟ لاهور جي هڪ ٽرين لاءِ ٻه سئو ارب روپيه ۽ پاڪستان جي وڏي آبادي واري شهر ڪراچي لاءِ 12 ارب روپيه رکيا ويا آهن ملتان ۾ ميٽرو بس شروع ڪن ٿا ۽ راجنپور ۾ هڪ اسپتال به ڪونهي ڪڏهن توهان ٿر جي باري ۾ سوچيو توهان مون سان پاڻ واعدو ڪيو هڪڙي علائقي کي ترقي ۽ ٻين کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو وفاق ڪمزور ٿي رهيو آهي مان مودي جي سازش ناڪام بنائڻ چاهيان ٿو ملڪ جا منصوبا ٻڌي جا ضامن هوندا آهن وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته سرحدن تي ايل او سي جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي ڪشمير ۾ ظلم ۽ بي گناهه شهيد ٿي رهيا آهن. وزيراعظم جي پاليسي بين الاقوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت خاموش آهي. هُن چيو ته هن وزيراعظم کي 3 سالن ۾ اڃا تائين وزير خارجه ناهي مليو. شهيد ڀٽي 71 واري جنگ کان پوءِ 5 هزار اسڪوائر ميل وارو حصو ڪيئن واپس ورتو 90 هزار فوجين کي ڪيئن آزاد ڪرايو يورپ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن سان پاڪستان جا تعلق ڪيئن ٺاهيا ويا وزيراعظم انهن پاليسين کي پڙهي ڏسي. چوڌري نثار نيشنل ايڪشن پلان کي لتاڙيندي ڪالعدم تنظيمن کي چانهه پياري رهيو آهي ۽ دهشتگرد پنهنجي مقصد ڪامياب ٿي رهيا آهن. هنن کي رڳو اقتدار جي لالچ آهي ۽ عوام جو ڪو خيال ڪونهي. ان موقعي تي هُن سان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي، اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، راشد رباني ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان کان اڳ هُن رهڙڪي مندر ۾ قائم ٿيل پل جو افتتاح پڻ ڪيو 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *