بلاول ڀٽو جا مطالبا مڃيا وڃن نه ته تير ڪمال ڏيکاريندو، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ سڄي ملڪ ۾ حڪمراني ڪندي:وڏو وزير

گهوٽڪي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت جيڪڏهن بلاول ڀٽو جا 4 مطالبا نه مڃيا ته تير پنهنجو ڪمال ڏيکاريندو، جمهوري طريقي سان احتجاج ڪنداسين، لانگ مارچ به جمهوريت جو حصو آهي، گهوٽڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عوامي طاقت جي ذريعي تير شينهن ۽ بيٽ جو شڪار ڪندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو موجوده صورتحال ۾ عوام کي متحر ڪندو شينهن جهنگ ۾ هليو ويندو ۽ بيٽ فيلڊ ۾ کيڏندي، پيپلزپارٽي 2018ع جي چونڊن ۾ چئني صوبن تي حڪمران پارٽي بڻجندي. وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت کي 4 مطالبا پيش ڪيا آهن، جيڪڏهن اهي نظرانداز ڪيا ويا ته پنهنجن مطالبن جي لاءِ جمهوري طريقي سان احتجاج ڪنداسين. لانگ مارچ به جمهوريت جو حصو آهي، جيڪڏهن ڪنهن هٿڪنڊا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ اسان به مقابلي جي لاءِ تيار آهيون. وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي عوام ۾ ڏينهون ڏينهن مقبول ٿي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *