اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته سياسي جماعتن کي پاناماليڪس تي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ بدران اهو معاملو پارليامينٽ مان حل ڪرائڻ گهرجي ها ته وڌيڪ بهتر هو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته هن معاملي تي ڪنهن به پارٽي جي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جي حق ۾ نه هئاسين، اسان بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو هو . حڪومت جي ڪري ان طرف ڪم نه ٿي سگهيو، جيڪڏهن ان تي ڪم ڪيو وڃي ها ته اها صورتحال پيش نه اچي ها. اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف نواز شريف پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري ٿو، ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اعتراض اٿاري رهيو آهي.