پاناما ليڪس معاملو سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ سبب مخالف ڌر جي ڪجهه عنصرن کي تلاشي جو ڊپ ٿي پيو آهي:سراج الحق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاناماليڪس معاملو سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ سبب مخالف ڌر جي ڪجهه عنصرن کي به تلاشي جو ڊپ ٿي پيو آهي، پ پ جي ناڪاري سياست سبب سندن سڀ در بند ٿي چڪا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته پاناماليڪس معاملي تي پيپلز پارٽي مونجهارن جو شڪار ٿي وئي آهي، ڪجهه اڳواڻ کاپي ۽ وري ڪجهه ساڄي پاسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاناماليڪس معاملي تي سرڪاري ڌر جي موقف ۾ تضاد آهي، معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هئڻ سبب قوم جون نظرون چيف جسٽس تي کُتل آهن. سراج الحق چيو ته پاناماليڪس ۾ حڪمران ٽولي جو احتساب شروع ٿيڻ وارو آهي، جيڪڏهن نواز شريف جي تلاشي ورتي وئي ته اها جمهوريت جي وڏي ڪاميابي هوندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *