ڪراچي(رپورٽر) اڳوڻو وفاقي وزير پرويز رشيد عهدو وڃڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو سينيٽ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني پرويز رشيد جي آجيان ڪئي. جڏهن ته سنيٽ ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس آڌرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي سنييٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو ته عهدو اچڻ وارڃڻ واري شئي آهي، پرويز رشيد جيئن ذميواريون نڀايون اهي تعريف جوڳيون آهن. هن چيو ته پرويز رشيد بابت جڏهن ڳالهه سامهون آئي ته ساڻس رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ممنهنجي ڪوشش باوود پرويز رشيد سان ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگھي. هن چيو ته رابطو ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته پرويز رشيد کي ٻڌايون ته هُو اڪيلو ناهي سڄو ايوان ساڻس گڏ آهي. هن چيو ته اخبارن ذريعي ڳالهيون سامهون آيون، هاڻي جاچ جون ڳالهيون ٿين پيون، مونکي خبر ناهي ته جاچ ٿي رهي آهي يا نه.