اسلام آباد(بيورور رپورٽ)سپريم ڪورٽ جو پاناما ليڪس تي ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو، وزيراعظم جي ٻارن کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ سومر تائين آخري مهلت، چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي ٻارن جواب داخل نه ڪرايو ته سمجهنداسين انهن الزام قبولي ورتو آهي، سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس بابت درخواستن ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏيندي جاچ لاءِ هڪ رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هڪ رڪني ڪميشن سپريم ڪورٽ جي جج تي ٻڌل هوندي، ڪميشن جي قيام بابت حتمي فيصلو 7 نومبر تي ٿيندو، عدالت وزير اعظم نواز شريف جي ٻارن طرفان جواب داخل نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ ڏيکاريندي مريم نواز، حسن نواز ۽ حسين نواز کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ سومر تائين مهلت ڏني آهي،ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف پاناما ليڪس ڪيس ۾ لکت ۾ جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هو ڪنهن ۾ آف شور ڪمپني جو مالڪ ناهي. چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ پاناما ليڪس بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ جِي شروعات ۾ چيف جسٽس وزيراعظم جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن تي سلمان بٽ چيو ته ها هن جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. سلمان بٽ چيف جسٽس کي وزيراعظم جو جواب پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف جي پرڏيهه ۾ ڪا به ملڪيت ناهي ۽ نه وري هو ڪنهن آف شور ڪمپني جو مالڪ آهي. وزيراعظم جواب ۾ وڌيڪ چيو آهي ته هو قانون موجب ريگيولر ٽيڪس ادا ڪندو آهي، آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت وزيراعظم کي نااهل قرار نٿو ڏئي سگهجي. چيف جسٽس وزيراعظم ٻارن حسن، حسين ۽ مريم نواز جا اثاثا جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن کيس خبر هجي ها ته اوهان اهڙو رويو اختيار ڪندا ته هو عدالت اچي ئي نه ها. سلمان بٽ، چيف جسٽس کي جواب ڏنو ته هو وزيراعظم جي ٻارن جو جواب به داخل ڪرائڻ چاهي ٿو پر ملڪ کان ٻاهر هجڻ ڪري ساڻن رابطو ناهي ٿي سگهيو، تنهنڪري وڌيڪ مهلت ڏني وڃي. چيف جسٽس، وزيراعظم جي وڪيل جي مهلت واري درخواست رد ڪندي چيو ته ميڊيا تي عدليا کي گهٽ وڌ ڳالهايو پيو وڃي، انڪري هو ڪيس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪرڻ چاهين ٿا.وزيراعظم جي ٻارن سومر تائين جواب جمع نه ڪرايو ته سمجهنداسين انهن الزام قبولي ورتا آهن، عدالت، وزيراعظم جي ٻارن جو لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.