لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حڪومت جو فيس ويلو ختم ٿي چڪو آھي وزير اعظم نواز شريف پاڻ مٿان لڳل الزامن جي صفائي ڏيڻ کان لنوائي رھيو آھي پاڪستان مسئلن ۾ گھريل آھي ھڪ طرف ملڪ ۾ بي روزگاري آھي ته ٻئي طرف دھشتگرديءَ سبب روز ڳوڙھا ڳاري رھيا آھيون ٻئي پاسي ھڪ ڌر آمر کي اچڻ لاءِ چئي رھي ان ماحول ۾ پ پ ٽيون رستو اختيار ڪندي، اھڙن خيالن جو اظھار ھن اگھم ٽو ڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻ انجنيئر سيف الله ابڙو پاران ڪوٺايل جلسي ۾ ھزارين ورڪرن کي خطاب ڪندي ڪيو ھن چيو ته ھن ملڪ ۾ جمھوريت جي بحالي لاءِ پ پ وڏيون قربانيون ڏنيون آھن ضياءِ چوندو ھو ته مان سيٽي وڄائيندو آھيان ته سياستدان پڇ لٽڪائيندا پھچندا آھن پر بينظير ڀٽو عوام جي طاقت سان انھن آمرن سان مھاڏو اٽڪايو ۽ ملڪ جي عوام لاءِ جان جو نظرانو ڏنو ھن وڌيڪ چيو ته وقت اچي ويو آھي ته منافق حڪومت کي نروار ڪريون اھو اسان لاءِ چئلينج آھي ته 2018 جي اليڪشن ۾ پ پ جي چيئر مين بلاول ڀٽو کي ڪامياب ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪريون جيئن ٻه ڀيرا بينظير ڀٽو کي ٽئين دنيا جي عورت وزير اعظم بڻايو ھئو سين ان لاءِ عوام جي تعاون جي ضرورت آھي ھن چيو ته پ پ وڏي پارٽي آھي.ھن وڌيڪ چيو ته سڀاڻي بلاول ڀٽو زرداري ڏھرڪي ۾ جلسو ڪري رھيو آھي جنھن ۾ ھر رنگ نسل جا ماڻھو شرڪت ڪندا ھن وڌيڪ چيو ته پارٽي ٻيو ڀيرو صوبائي صدارت جو موقعو ڏنو آھي جيڪو مون لاءِ اعزاز آھي ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سيف ابڙو آيل مھمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو آھي ته ملڪ جنھن صورتحال مان گذري رھيو آھي ان کي ڀٽو جي سوچ جي ضرورت آھي اھا سوچ بلاول کان سواءِ ڪنھن وٽ به ناھي بلاول کي ايندڙ اليڪشن ۾ وزير اعظم بڻائينداسين.ان موقعي تي صوبائي وزير سھيل انور سيال ڳالهائيندي چيو ته ڀٽو خاندان پنھنجون قربانيون ڏئي ملڪ کي طاقت بخشي آھي ۽ اڄ جيڪو پاڪستان آھي اھو شھيد ڀٽن جي قربانين جي بدولت آھي ، پ پ اڳواڻ سميح الله ابڙو،ايم اين اي نذير ٻگھيو ، ميئر اسلم شيخ ،ضلعي چيئر مين خان محمد سانگرو،ايم پي اي محمد علي ڀٽو ،ايم پي اي خورشيد جوڻيجو ،عبدالفتاح ڀٽو،سميح الله ابڙو ،اعجاز لغاري ،منير مڱڻيجو, جنسار مڱڻيجو ،وڪيل رفيق ابڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي آيل مھمانن کي روايتي طور تي اجرڪ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا ويا ان موقعي تي زندهه رھي آباد ڀٽو زندھ آباد نغمي تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.