ڀارت جو ٻيو وڏو جاسوسي نيٽ ورڪ پڪڙجي پيو، هاءِ ڪميشن جا سفارتڪار ملوث هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڀارت جو وڏو جاسوسي نيٽ ورڪ هٿ ڪيو ويو، ڀارتي هاءِ ڪميشن جا سفارتڪار رتوڇاڻ ڪاررواين ۾ ملوث نڪتا، ناپسنديده شخصيت قرار ڏئي ملڪ نيڪالي ڏني ويندي، هڪ خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب سيڪيورٽي ادارن ڪارروائي ڪندي ڀارتي هاءِ ڪميشن جي سفارتڪارن جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙيو، ”را“ جو ايجنٽ راجيش ڪمار اگني هوتري ڪمرشل قونصلر جي لباس ۾ مقرر هو،راجيش ڪمار رتوڇاڻ جي ڪاررواين ۾ ملوث هو ۽ اهو نيٽ ورڪ به هلائيندو هو، ڀارتي ڳجهي ايجنسي آءِ بي جو آفيسر بلبير سنگهه به فرسٽ سيڪريٽري پريس انفارميشن جي لباس ۾ مقرر هو، رپورٽ موجب بلبير سنگهه آءِ بي جي عملدارن ذريعي پاڪسان ۾ رتو ڇاڻ ڪارروايون ڪرڻ ۾ سرگرم هو، پاڪستان مان نيڪالي ڏنل سرجيت سنگهه به بلبير سنگهه جي نيٽ ورڪ جو حصو هو،سرجيت سنگهه عبدالحفيظ جي نالي سان موبائيل فون ڪمپني جو جعلي ڪارڊ به ٺهرايو هو، پاڪستان کي پتو پوڻ تي ان کي ناپسنديده شخص قرار ڏئي ملڪ نيڪالي ڏني وئي هئي، رپورٽ ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو ته جاچ کانپوءِ ڀارت هاءِ ڪميشن جا وڌيڪ ڪيترائي نالا سامهون ايندا، بلبير سنگهه ۽ راجيش ڪمار کي ناپسنديده شخص قرار ڏئي، ملڪ ڇڏڻ جو چو ويندو ۽ ان جا حوالي سان ڪارروائي پڻ ٿيندي،اهو نيٽ ورڪ بلوچستان ۾ ترجيحي بنيادن تي ڪارروايون ڪندو هو، ڪراچي، فاٽا ۽ پشاور به ان جو نشاني تي ها، سرحد پار کان به انهن سفارتڪارن جا رابطا هئا جيڪي انهن هدايتن تي رتوڇاڻ ڪندا هئا، ڳجھي ڪارروائي کانپوءِ ان نيٽ ورڪ جو پتو پيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *