پاناماليڪس بابت جاچ ڪميشن لاءِ ڌريون متفق، سپريم ڪورٽ ٽي او آرز طلب ڪري ورتا

November 2, 2016 at 8:13 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پاناماليڪس جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ ڌرين جي اتفاق کانپوءِ 3 نومبر تي ٽي او آرز جا تفصيل طلب ڪندي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڪٽنب ۽ لاڳاپيل ادارن کان ٻن ڏينهن اندر لکت ۾ جواب به جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، عدالت چيو آهي ته ڌرين ۾ اتفاق نه ٿيو ته عدالت پاڻ ٽي او آرز طئي ڪندي، سپريم ڪورٽ جو حاضر سروس جج ڪميشن جو سربراهه هوندو ۽ ڪميشن کي عدالت جيترا ئي اختيار هوندا.چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ پاناماليڪس معاملي تي عمران خان، سراج الحق ۽ شيخ رشيد سميت ٻين ڌرين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عمران خان سميت مختلف درخواستگذارن وڪيل دليل ڏنا ۽ ڌرين پاناماليڪس جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو.عدالت پاناماپيپرز معاملي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ ڌرين کان ٽي او آر جا تفصيل طلب ڪرڻ سان گڏ عدالت وزيرا عظم نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب کي ٻن ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ٽي او آرز تي اتفاق نه ٿيو ته سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪميشن جوڙيندي، جڏهن ته جڊيشل ڪميشن کي سپريم ڪورٽ جيترا اختيار حاصل هوندا.چيف جسٽس انور ظهير جمالي رماڪس ۾ چيو ته عدالت ملڪ کي انتشار  ۽ بحران کان بچائڻ چاهي ٿي، سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪئي ويندي، ڌريون نفرت پکيڙڻ واري بيانن کان پاسو ڪن.عدالت ڌرين جي اتفاق کانپوءِ 3 نومبر تي ٽي او آرز جا تفصيل طلب ڪندي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڪٽنب ۽ لاڳاپيل ادارن کان ٻن ڏينهن اندر لکت ۾ جواب به جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…

اي پيپر