سپريم ڪورٽ جو فيصلو اخلاقي سوڀ آهي، پي ٽي آءِ ڌرڻو ملتوي ڪري ڇڏيو

November 2, 2016 at 8:12 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ پاناماليڪس بابت ٻڌڻي کي پنهنجي اخلاقي سوڀ ڪوٺيندي اڄ اعلانيل ڌرڻي کي شڪراني جي ڏينهن جي ۾ مٽائي ڇڏيو،اسلام آباد ۾ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي واري سوڀ تي اڄ شڪراني جو ڏهاڙو ملهايو ويندو، ڪارڪن گهر وڃن، ڇو ته اڄ وري اسلام آباد اچڻو آهي پر احتجاج ڪرڻ نه پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي شڪراني جو ڏينهن ملهائڻ لاءِ اچڻو آهي، هن چيو ته 2 نومبر تي پاڪستان تحريڪ انصاف منجهند جو 2 وڳي پريڊ گرائونڊ ۾ شڪراني جو ڏهاڙو ملهائيندي، ڇو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن طاقتور جي جهڙتي ورتي پئي وڃي، سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ٻڌي ڌاڍي  خوشي ٿي،سپريم ڪورٽ فيصلو ڪيو آهي ته 3 نومبر کان نواز شريف جي جهڙتي شروع ٿيندي، سندس چوڻ هو ته اسان فيصلو ڪيو هو ته اسان اسلام آباد اينداسين ۽ شهر بند ڪنداسين، اسان رڳو ٻه شرط رکيا هئا ته نواز شريف استعيفيٰ ڏئي يا جهڙتي ڏئي، هن نواز شريف کان جواب گهرڻ تي سپريم ڪورٽ کي خراج پيش ڪيو، هن خاص طور تي پنهنجي ڪارڪنن کي واڌايون پيش ڪيون ۽ چيو ته منهنجا جيڪي ڪارڪن جيلن ۾ آهن ، جن کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، عمران خان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي به خراج پيش ڪندي چيو ته پرويز خٽڪ ملڪ لاءِ شيلنگ کي منهن ڏنو، جنهن تي هو جس لهڻي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف پئسن جو پُڄاري آهي، ماڻهو صبح جو اُٿي نماز پڙهندا آهن ۽ نواز شريف صبح سان پئسن جي بُت جي پوجا ڪندو آهي، جيڪو به ٿي پوي نواز شريف جي ڪرپشن خلاف 2 نومبر تي اسلام آباد لازمي پهچنداسين، بني گلا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته نواز شريف جي ذهن ۾ صرف پئسو آهي، ملڪ ۾ نه پر نواز شريف جي بينڪ ۾ ترقي ٿي رهي آهي، نواز شريف کي صرف پئسي جي فڪر آهي ملڪ جي تباهي سان کيس ڪا به تڪليف ناهي.

اي پيپر